خط ٻن اديبن جا

خط ٻن اديبن جا

خط ٻن اديبن جا

خط ٻن اديبن جا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليوارن اديبن محمد ابراهيم جويي ۽ عبدالقادر جوڻيجي جي خطن تي مشتمل آهي. جنهن کي جامي چانڊيي سهيڙيو آهي، هن ڪتاب ۾ شامل خط 1966ع کان 1976ع جا لکيل آهن، جيڪي هنن ٻنهي اديبن هڪٻئي ڏانهن مختلف وقتن تي لکيا هئا. هڪ خط ۾محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته: ”آءٌ هتي (ڪوهاٽ) ۾ پاڻ کي اٻاڻڪو ٿو محسوس ڪريان، پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪو ڳالهائڻ وارو ڪونهي، ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿو ڀانيان، ڄڻ زبان تي ڪي ڪنڊا لڳل آهن. ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ تي زبان وري ئي نه ٿي، ڪنهن دوست جو اتان کان خط پهچي ٿو ته دل بهار ٿيو وڃي، تنهنڪري مهرباني ڪري خط لکندو ڪر، اوهين نوجوان ئي اسان ڀنيءَ ڀر تي بيٺل پوڙهن جو آٿت آهيو.“ هيءُ ڪتاب پنهنجي وقت جي ٻن ٽهين جي اديبن جي نمائندگي ڪندڙ نظر اچي ٿو. هيءُ ڪتاب سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد پاران 1999ع ۾ شايع ٿيو.


لفظ خط ٻن اديبن جاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو